سومرو محمد اسماعيل منصور

سومرو محمد اسماعيل منصور

محمد اسماعيل سومرو منصور

محمد اسماعيل سومرو ’منصور‘: شاعر محمد اسماعيل ولد جند وڏو خان سومرو، پهرين ڊسمبر 1938ع تي ڏهرڪي ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏهرڪيءَ مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي مان 1956ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. هن 1963ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪئي. ان کانسواءِ بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. محمد اسماعيل سومري پيشوراڻي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي، جتان ترقي ڪري 1969ع ۾ ليڪچرار، 1979ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1989ع ۾ پرنسپال جي اهم عهدي تي رهي رٽائر ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1961ع ڌاري شاعريءَ کان ڪئي. شاعريءَ ۾ ’منصور‘ تخلص سان غزل، وائي، بيت، نظم، چوسٽي ۽ ٽيڙوءَ تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. سندس شاعري سنڌ جي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي. ادبي حوالي سان لطيف ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’حسن ڪمال رسول الله صلي الله عليه وسلم‘ (قصيده برده شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، 2007ع)، (2) ’عين جمال رسول الله صلي الله عليه وسلم‘، (نعتيه شاعري: 2012ع) شامل آهن. کيس ادبي خدمتن عيوض بيدل اوارڊ 2012ع سميت ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.01  عيسوي

شاعر محمد اسماعيل ولد جند وڏو خان سومرو، پهرين ڊسمبر 1938ع تي ڏهرڪي ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير خسرو
ثناءُ الله ثنائي
انور منصور مڱريو
پلي طالب
سعيد ميمڻ
دانتي
عباسي نور محمد نور
آري فقير چانڊيو
خالدي علي محمد
علي دوست عاجز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون